حيسڪو چيف کي هٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل

حيدرآباد: منسٽري آف انرجي پاور ڊويزن پاران 26 نومبر تي حيسڪو چيف ريحان حميد کي هٽائڻ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي اڳوڻي حيسڪو چيف پاران هٽائڻ خلاف داخل درخواست تي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.

وڪيل رفيق ڪلوڙ جو چوڻ هو ته عدالت پاور ڊويزن پاران مقرر نئين حيسڪو چيف نور احمد سومرو جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن به ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪيو آهي. حيسڪو چيف ريحان حميد 8 نومبر کان 26 نومبر تائين ڌيءُ جي شادي ۾ ڪينيڊا وڃڻ لاءِ موڪل ورتي هئي، موڪل ختم ٿيڻ واري ڏينهن کيس غيرقانوني طريقي سان هٽائي نئون حيسڪو چيف مقرر ڪيو ويو، حيسڪو چيف جي مقرري جي اختيار بورڊ آف ڊائريڪٽر وٽ آهن.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد حيسڪو چيف کي هٽائڻ ۽ نئين حيسڪو چيف جي مقرري وارا ٻئي نوٽيفڪيشن ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪري ڇڏيا، 22 ڊسمبر تي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت سميت لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔