مائيڪرو سافٽ پاران چين ۾ لنڪڊ ان سروسز بند ڪرڻ جو اعلان

لنڊن: مائيڪرو سافٽ چين ۾ مشهور سوشل نيٽ ورڪنگ ايپ لنڪڊ ان کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب مائيڪرو سافٽ چين طرفان مشڪل انٽرنيٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ سبب چين ۾ پنهنجي لنڪڊ ان سروسز کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مائيڪرو سافٽ انتظاميه موجب لنڪڊ ان سروسز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪجهه صحافين جا پروفائل بلاڪ ڪرڻ تي چيني حڪومت طرفان دٻاءُ کان پوءِ ڪيو ويو. پر هاڻ مائيڪرو سافٽ جو چوڻ آهي ته چيني عوام جي لاءِ صرف نوڪري ڏيندڙ ورزن کي هلندڙ سال جي آخر ۾ متعارف ڪرايو ويندو پر ان ۾ سوشل فيڊ پوسٽ ۽ شيئر ڪرڻ جو آپشن نه هوندو.
واضح رهي ته لنڪڊ ان چين ۾ هلندڙ پهريون مغربي سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي جيڪو 2014 کان چيني حڪومت جي واضح ڪيل قانون جي پاسداري ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔