ڪراچي: نصلا ٽاور جي رهواسين کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري

ڪراچي: ضلعي انتظاميا نصلا ٽاور جي رهواسين کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اوڀر ضلعي جي انتطاميا طرفان جاري نوٽيش ۾ نصلا ٽاور جي رهواسين کي 27آڪٽوبر تائين عمارت خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نصلا ٽاور کي خالي ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواست رد ڪئي هئي، نوٽيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمشنر ڪراچي کي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي، عمارت خالي ڪرڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔