حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي ڏينهن رات جاچ ڪرڻ باوجود ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا:شھباز شريف

لاھور: اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي حقيقت عوام آڏو وائکي ٿي وئي، لنڊن جي عدالت جي فيصلي سان حڪومتي صفن ۾ ٻڙڌڪ متل آهي، حڪومت، نيب ۽ ايف آءِ اي ڏينهن رات جاچ ڪرڻ باوجود ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا. لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ وارا منهنجي خاندان خلاف برطانوي اين سي اي سان رابطو ڪيو، آر يو طرفان لکيل خط ملڻ بعد اين سي اي جاچ ڪئي ۽ عدالت ۾ دستاويز جمع ڪرايا، اين سي اي جي جاچ ۾ به مني لانڊرنگ جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا. شھباز شريف وڌيڪ چيو تھ الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ڪرمنل ڪيس ٿئي ها، حڪومتي وزير ڏينهن رات بيانبازي ۾ رُڌل هوندا آهن، شريف ڪٽنب سوڌو ليگي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي جيلن ۾ وڌو ويو، موجوده حڪمرانن جيترو ڪوڙ ڳالهايو آهي، اوترو ملڪي تاريخ ۾ نه ڳالهايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔