شاهه لطيف جي شاعري ۾ جدوجهد جو ڀرپور پيغام

   

دنيا جي تختي تي هر دور ۾ ڪي نه ڪي اهڙا املهه انسان ۽ شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون رهيون آهن جن جي پنهنجي سماج تي نهايت ئي گهري اک هوندي آهي ۽ هو پنهنجي آسپاس جي چرپر ، حرڪتن توڙي زندگي جي لاهن چاڙهن کي نهايت ئي گهري اک سان ڏسن ٿا.

   هو پنهنجي مطالعي ، مشاهدي ۽ ڏاهپ جي روشني سان هن سماج کي بدلائڻ جي ۽ ان ۾ سڌارن آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سنڌ جي زرخيز ڌرتي به هونئن ته ڪيترائي اهڙا اعليٰ انسان پيدا ڪيا جن پنهنجي محنت ، مطالعي ۽ مشاهدي سان هن سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ،شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سنڌ  جي اهڙين ئي لازوال هستين منجهان هڪ هو.

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهو لازوال شاعر آهي جنهن جو ڪلام صديون گذري وڃڻ باوجود اڄ به پنهنجي ماروئڙن جي دلين ۾ نه رڳو محفوظ آهي پر اهوسندن رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جا سڀئي سُر ڪو نه ڪو پيغام يا ڏس ضرور ڏين ٿا، انهن مڙني سرن ۾ شاهه لطيف اسان کي زندگي جي پيچرن تي  نه رڳو هلڻ پر انهن تي پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ تڪليفن کي به برداشت ۽ صبر سان منهن ڏيڻ جو سهڻو سبق سيکاري ٿو .

    شاهه لطيف جون سورميون دراصل اهي ڪردار آهن جيڪي عملي طور تي اسان کي انهن ڏکيائين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ سيکارين ٿا .

هونئن ته شاهه لطيف جي شاعري ۾ پيار، محبت ۽ امن جو آفاقي پيغام ملي ٿو پر سندس شاعريءَ جو جيڪو اهم پاسو ۽ پهلو آهي اهو جستجو ۽ جدوجهد آهي .

شاهه لطيف جي رسالي ۾ سندس سورمي سسئي جي نالي سان ڏنل سرن  معذوري ، ڪوهياري، ديسي ، حسيني ۽ آبري ۾ سسئي جي ڪردار جي صورت ۾هڪ لوڪ قصي کي سامهون رکندي نهايت ئي اعليٰ انداز ۾ همت ، بهادري ۽ جستجو جو سچو داستان پيش ڪيو آهي . شاهه لطيف انهن سُرن ۾ جستجو ۽ جدوجهد جو ڏس ڏيندي هيئن فرمائي ٿو ته :

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ،ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداهه .پير نه لهين پرينءَ جو.

مطلب ته پنهنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ ڪنهن وقت جو ويهي انتظار ناهي ڪرڻو ، هر ڏکي سکي ويل ۾ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي جاري رکڻو آهي. وڌيڪ چوي ٿو ته:
ڪنڊا مون پيرين  ،توڙي لک لڳن،

آڱر آڱوٺي نه مِڙِيَ ،  ڇِپون پيرَ ڇنن،

ويندي ڏانهن پرين، جُتي جاتِ نه پائيان.

هن بيت ۾ سسئي جي حوصلي ۽ همت کي بيان ڪيو اٿس، جنهن ۾ سسئي واتان چورائي ٿو ته مان پنهنجي منزل ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيرين اگهاڙي نڪري پئي آهيان، هاڻي ڀل مون کي رستي پيرن ۾ ڪنڊا لڳن، ڇِپون منهنجا پيرَ ڇنن، منهنجا آڱوٺو ۽ آڱر نه رهي پر مان پنهنجي پرين پنهنجي مقصد ڏانهن تيستائين پنڌ پيئي ڪندي رهنديس جيستائين ان کي حاصل نه ٿي ڪري وٺان .

سسئي جي روپ ۾ شاهه عبداللطيف جي ان جي ساهيڙين کي چورائي ٿو ته پنهنجي پرين سان ملڻ جي اڪير ته هرڪنهن کي هجي ٿي پر ان کي حاصل ڪرڻ  لاءِ ڪابه بک  ،اڃ ۽ تڪليف برداشت نه ٿي ڪري سگهي ، ان ڪري سرتيون پنهنجي پرين کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مون سان رڳو اها ئي هلي سگهي ٿي جيڪا سختيون سهي ڄاڻي.

سڌائتي سڀڪا ، بک نه باسي ڪا ،

جيهي تيهي ذات جي ، جنبش ناهي جا،

مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.

هتي سهڻيءَ جي روپ ۾ ان جي ساهيڙين کي چورائي ٿو ته اي سرتيون جيڪڏهن اوهان مون وانگر پنهنجي پرين پنهنجي ميهار کي اکين سان هيڪر ڏسي وٺو ته جيڪر اوهان به ائين سک سان نه سمهي سگهو .

ساجن مون جيئن سرتيون ، جي ڏسو سڀوئي،

ته ڪڏهن سمهون ڪين ڪي ، ورَ پاسو ڏيئي،

مُنهان  اڳيئي،   گِهڙو  سڀ    گهڙا     کڻي .

مطلب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي پوري شاعري ۾ انسان کي پنهنجي محبوب، پنهنجي مقصد ۽ منزل کي ماڻڻ لاءِ هر وقت جستجو ۽ جدوجهد جاري رکڻ جو پيغام ڏيندي نظر اچي ٿو. هو انسان کي نڀاڳي ننڊ ڇڏي بيدار رهڻ جي به هدايت ۽ تلقين ڪندي ڏسجي ٿو.

جيڏيون جي مان وسهو ته ،ننڊ نه هيريو نيڻ

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

ستي ويا سسئيءَ جا ويهاڻيءَ جو ويڻ

 جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.

شاه لطيف چوي ٿو انسان جي حياتي رڳو ٻه چار ڏينهڙا آهي ، ان مختصر حياتيءَ ۾ کيس غافل ٿي نه گذارڻ گهرجي ، هن کي پنهنجي مقصد ۽ منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابدي مقام تي پهچڻ لاءِ پنهنجي رب جي رضا کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت جستجو جاري رکڻ گهرجي ، ڇوته جڏهن انساني جي حياتيءَ مان جستجو ختم ٿئي ٿي تڏهن انسان جي جيئڻ جو ڪو  به مقصد نه ٿو رهي ان ڪري ئي ته لطيف سائين پنهنجي شاعري وسيلي پيغام ڏئي ٿو ته :

کرڪڻا لاهي ، سکُ مَ سُتا ڪڏهن ،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌَ جو .

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڄي حياتي پاڻ به کاهوڙين وانگر هر وقت جستجو ڪندي گذاري ۽ ٻين لاءِ اهوئي آفاقي پيغام ڇڏيو اٿس ته اسان کي هن عارضي دنيا کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي ويهي نه رهڻ گهرجي اسان جي منزل ، ماڳ ۽ ابدي مقام اڃان اڳتي آهي جنهن لاءِ ئي پاڻ کي پتوڙڻُو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔