ڪي پي حڪومت جي مڪاني چونڊن بابت ڪيل درخواست رد

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه حڪومت جي مڪاني چونڊن لاءِ 180 ڏينهن جي واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
صوبائي حڪومت نئين قانون سازي، موسم ۽ انتظامي چئلينجن، ۽ امن امان جي ڪري مقامي حڪومتن جي چونڊن کان اڳ وقت گهريو هو.اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه حڪومت جي مقامي حڪومتن جي چونڊن لاءِ 180 ڏينهن جي آخري تاريخ جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته حد بندي لاءِ صوبائي حڪومت سان صلاح مشورو لازمي ناهي، موسم ۽ سيڪيورٽي خدشن جو حوالو ڏئي عمل ۾ دير ڪرڻ قابل قبول ناهي، ۽ صوبائي حڪومت جو موقف غير اطمينان بخش آهي.

تبصرے بند ہیں۔