واڳون جي پيٽ مان 6 هزار سال پراڻي نوادرات هٿ

نيو يارڪ: واڳون جي پيٽ مان 6 هزار سال پراڻي نوادرات هٿ آيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ميسسپي ۾ جان هملٽن نالي شڪاري ڍنڍ مان واڳون پڪڙي ورتو، 13 فوٽ ڊگهي ۽ ساڍا 7 سئو پائونڊ وزني واڳون کي گهر آڻي سندس پيٽ ڦاڙيو ويو، واڳون جي پيٽ مان 6 هزار سال پراڻيون قيمتي نوادرات هٿ آيون ، شڪاري جان هملٽن واڳون ۽ نوادرات جون تصويرون شيئرڪيون سندس چوڻ هو ته مونکي شروع لڳو ته ڪنهن واڳون کي تير هنيو آهي پر بعد ۾ آثار قديمه جي ماهر ٻڌايو ته واڳون کي ڪنهن تير نه هنيو آهي پر هن 6 هزار سال قديم نوادرات ڳهي ڇڏيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔