آمريڪي اڏن تي حملا، چيني سيٽلائيٽ جي مدد سان ٿيا

ڪراچي: فنانشل پوسٽ جي رپورٽ موجب ايران 2024 جي آخر ۾ ڳجهي نموني هڪ چيني جاسوسي سيٽلائيٽ حاصل ڪئي، جنهن جي مدد سان هن تازو جنگ دوران وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ ۾ مدد حاصل ڪئي.
رپورٽ موجب TEE-01B سيٽلائيٽ، جيڪو چيني ڪمپني Earth Eye Co طرفان تيار ۽ لانچ ڪيو ويو، کي چين مان مدار ۾ موڪلڻ کان پوءِ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي ايرو اسپيس فورس حاصل ڪيو، جنهن لاءِ ايراني فوجي دستاويزن جي ليڪ ٿيل معلومات جو حوالو ڏنو ويو.
پاسداران انقلاب جي ڪمانڊرن هن سيٽلائيٽ کي استعمال ڪندي آمريڪا جي اهم فوجي اڏن جي نگراني ڪئي، رپورٽ موجب وقت سان لاڳاپيل ڪوآرڊينيٽ لسٽن، سيٽلائيٽ تصويرن ۽ مداري تجزئي جو حوالو ڏنو ويو. اهي تصويرون مارچ ۾ ورتيون ويون، ڊرون ۽ ميزائل حملن کان اڳ ۽ پوءِ.
ان معاهدي تحت، IRGC کي Emposat طرفان هلندڙ ڪمرشل گرائونڊ اسٽيشنز تائين رسائي پڻ ڏني وئي، جيڪا بيجنگ ۾ قائم هڪ عالمي سيٽلائيٽ ڪنٽرول ۽ ڊيٽا سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني آهي.
رائٽرز هن رپورٽ جي آزادانه طور تصديق نه ڪري سگهيو.
پينٽاگون، سي آءِ اي ۽ وائيٽ هائوس، گڏوگڏ چين جي پرڏيهي ۽ دفاعي وزارتن ۽ واشنگٽن ۾ ان جي سفارتخاني فوري طور تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. Earth Eye Co ۽ Emposat پڻ جواب نه ڏنو. فنانشل ٽائمز موجب وائٽ هائوس Emposat ۽ IRGC جي وچ ۾ مبينا لاڳاپن بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر آمريڪي صدر جي بيان ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن هفتي جي آخر ۾ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن چين ايران کي فضائي دفاعي نظام فراهم ڪندو ته ان کي “وڏيون مشڪلاتون” پيش اينديون.
رپورٽ تي ردعمل ڏيندي واشنگٽن ۾ چيني سفارتخاني چيو: “اسان سختي سان انهن ڌرين جي مخالفت ڪريون ٿا جيڪي چين خلاف بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات ڦهلائين ٿيون.”
فنانشل ٽائمز موجب، سيٽلائيٽ 13، 14 ۽ 15 مارچ تي سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس جون تصويرون ورتيون. 14 مارچ تي ٽرمپ تصديق ڪئي ته هن اڏي تي موجود آمريڪي جهازن کي نشانو بڻايو ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سيٽلائيٽ بحرين جي موافق ايئر بيس جيڪا مناما ۾ آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي جي اڏي جي ويجهي علائقن، ۽ عراق جي اربيل ايئرپورٽ جي نگراني پڻ ڪئي، خاص طور تي انهن وقتن تي جڏهن IRGC طرفان حملن جي دعويٰ ڪئي وئي.

تبصرے بند ہیں۔