ڪوئيٽا: اڳوڻو نگران وزيراعظم مير هزار خان کوسو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوئيٽا: اڳوڻو وزيراعظم مير هزار خان کوسو ڊگهي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا هجڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، خانداني ذريعن موجب مير هزار خان کوسو گذريل هڪ مهيني کان شديد بيمار هو ۽ ڪوئيٽا جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، مير هزار خان کي گذريل ڏينهن دل جو دوو پيو جنهن بعد هو ڪوئيٽا جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مرحوم جي مڙهه کي ڪوئيٽا کان اباڻي ڳوٺ آڻي اتي تدفين ڪئي ويندي، واضح رهي ته 95 ورهين جو مير هزار سان کوسو نگران وزيراعظم کان علاوه هو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس گورنر ۽ زڪوات جو صوبائي چيئرمين جي عهدي تي به رهيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔