سنڌ ۾ نين احتساب عدالتن لاءِ 7 ججن جا نالا قانون واري وزارت کي موڪليا ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ نين احتساب عدالتن جي قيام بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان 7 ججن جا نالا قانون واري وزارت کي موڪليا ويا آهن جنهن تحت مسز شميم سدوزئي کي احتساب عدالت نمبر پنج جي جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ مسز تسنيم سلطانه کي نيب ڪورٽ نمبر 6 جي جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح شاهد پرويز ميمڻ کي نيب ڪورٽ نمبر 7، عبدالغفور ڪلهوڙو کي احتساب عدالت نمبر 2 سکر جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. نصير الدين شاهه کي نيب ڪورٽ نمبر 3 سکر، محبوب علي دايو کي احتساب عدالت نمبر 3 حيدرآباد جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب باقي چئن ججن جي نالن جي سفارش بعد ۾ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔