سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صوبي اندر قبرستانن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سڄي سنڌ جي قبرستانن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي وڪيل سهيل احمد ميمڻ جي آئيني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت قبرستانن جي حفاظت لاءِ چوديوايون ڏيارڻ جو به حڪم ڏنو، عدالت پاران رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي مختلف ڊپٽي ڪمشنرن کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ريمارڪس ڏنا ته قبرستانن جو احترام ۽ تقدس آهي، اسان کي به هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ قبرستان ۾ دفن ٿيڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔