شبير بجاراڻي ۽ عابد سندراڻي سان ايندڙ اليڪشن ۾ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيان ٿو: تيغو خان تيغاڻي

ڪنڌڪوٽ: سردار تيغو خان تيغاڻي کي بڪتربند گاڏي ۽ سخت سڪيورٽي ۾ ڪنڌڪوٽ جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڪورٽ اندر وڪيل برادري کان سواءِ ٻين جي داخلا بند ڪئي وئي، سردار تيغو خان تيغاڻي جي ڪورٽ ۾ پيشي دوران وڏي انگ ۾ سبزوئي برادري جا ماڻهو پهتا، ٽائيم نيوز جي نمائيندي سان ڳالهائيندي هن سردار تيغو خان چيو ته ٻنهي تڪ جي چونڊيل نمائندن شبير علي بجاراڻي ۽ عابد سندراڻي سان ايندڙ اليڪشن ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو، مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي مون کي گرفتار ڪرايو ويو، هر وقت ماڻهن ۽ پوليس جي مدد ڪئي آهي، مان هر وقت ڏوهاري پڪڙي پوليس حوالي ڪرايا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔