آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس ۾ وفاقي سرڪارجي بدنيتي شامل هئي:ناصر شاهه

ڪراچي: ٻيٽن بابت وفاقي سرڪار جي خط جو جواب ڏنو ته اُن کي اين او سي قرار ڏنو ويو، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس ۾ حڪومت جي بدنيتي شامل هئي، پي ٽي آءِ سرڪار آرڊيننسز ذريعي ٻيٽ ڦٻائن جي ڪوشش ڪئي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته عمران خان هيل تائين عوام سان ڪيل هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو، سکر جي دوري به پُراڻن منصوبن جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو، اهڙا اعلان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهن، جهانگير ترين جي مهرباني سان عمران خان جي حڪومت آئي پر وزيراعظم پنهنجي اتحادين سان ڪيل واعدا به پورا نه ڪيا، نااهل ترين حڪومت ۾ شوڪت ترين ويچارو ڇا ڪري سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔