قومي اسيمبلي جي تڪ 75 ڊسڪا ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

قومي اسيمبلي جي تڪ 75 ڊسڪا ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي ، پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو .

ضمني چونڊن جي دنگل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ ) جو علي اسجد ملهي ۽ مسلم ليگ ن جي نوشين افتخار ۾ اصل مقابلو آهي ، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ( ٽي ايل پي ) جو اميدوار خليل سندهو به چونڊ ۾ حصو وٺي رهيو آهي.

تڪ ۾ ووٽرز جو مجموعي انگ 4 لک 94 هزار آهي جن لاءِ 360 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن جن مان 47 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي .

ضمني چونڊ دوران تڪ ۾ عام موڪل آهي جڏهن ته امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽي جا نهايت ئي سخت قدم کنيا ويا آهن ۽ پوليس جا 4 هزارن کان وڌيڪ اهلڪار ۽ رينجرز جا هڪ هزار کان وڌيڪ جوان مقرر ڪيا ويا آهن .

ان کان سواءِ پاڪ فوج جون 10 ٽيموڻ ڪوئيڪ رسپانس فورس طور موجود آهن ، چونڊن جي موقعي تي قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔