ملڪ جي سمورن پوليس آفيسرن کي ڊگريون ۽ سريٽيفڪيٽ چيڪ ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد پوري ملڪ جي پوليس آفيسرن کي ڊگريون ۽ سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان جي صدارت هيٺ پوليس ريفارمز ڪميٽي جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪوڙي ايف آءِ آرز ۽ غير ضروري گرفتاريون نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن جڏهن ته آءِ جيز کي سرڪاري گاڏيون به غير ضروري استعمال نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

جسٽس گلزار احمد چيو ته غير ضروري دٻاءَ جي خاتمي لاءِ پوليس ۾ بدلين جو اختيار آءِ جي وٽ هجڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔