حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ جي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ جي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي،تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڊيڊ لائين ۾ 20 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته حڪومتي ٽيم، تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون آهن، جنهن بعد حڪومت جو تحريڪ لبيڪ سان معاهدو ٿي ويو.وزير اعظم ٻڌايو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڊيڊ لائين ۾ 20 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ 20 اپريل تائين اسان انهن جا سمورا مطالبا پارليامينٽ جي سامهون رکي ڇڏينداسين.واضح رهي ته خادم حسين رضوي جي پٽ حافظ سعد رضوي فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ حڪومت کي 17 فيبروري جي ڊيڊ لائين ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔