سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ اجلاس: ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ موجود نيب متاثرن شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا

اسلام آباد: سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي ڪيناڊا ۽ آمريڪا کان شريڪ نيب متاثرن شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، متاثرن جو چوڻ هو ته اسان ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي، نيب ڪيسز سبب ڪاروباري تباهه ٿي ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نيب متاثرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.سليم مانڊوي والا چيو ته نيب اهڙو ادارو بڻجي ويو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته ان کان ڪوبه پڇاڻو ڪري نٿو سگهي.ڊپٽي چيئرمين چيو ته نيب چيئرمين پاڻ کي ڪنهن اڳيان جوابدهه به نٿو سمجهي،نيب چيئرمين چئي ٿو ته ماڻهو ملڪ ڇڏي نه پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔