سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي جواب بعد ميمبرز کي فنڊز ڏيڻ وارو معاملو اڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي اسيمبلي ميمبرن کي فنڊز ڏيڻ واري نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس دوران سوال اٿاريو ته ڇا وزير اعظم جو ڪم لفافا ورهائڻ آهي؟هن انڪشاف ڪيو ته مون کي واٽس ايپ تي مليل ميسيج ۾ ڪجهه دستاويز مليا آهن جن مطابق اين اي 65 جي ميمبر کي فنڊ ڏنا ويا،اتان جو ميمبر حڪومت جو اتحادي آهي.اٽارني جنرل چيو ته واٽس ايپ واري دستاويز توهان جي شڪايت آهي، ان جو جائزو وٺنداسين.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان شڪايت ڪندڙ ناهيان، صرف نشاندهي ڪري رهيو آهيان،شايد توهان منهنجي ڳالهه ئي نه ٻڌي.اٽارني جنرل چيو ته توهان ڪافي دير کان آبزرويشن ڏئي رهيا آهيو،ڳالهه ته منهنجي نه ٻڌي وئي، توهان شڪايت ڪندڙ آهيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان دشمن ناهيون، چاهيون ٿا ته آئين تي عمل ٿئي ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز ختم ٿين،اليڪشن ڪميشن جو فرض آهي ته ڪرپٽ پريڪٽس کي روڪي،منهنجو خيال ناهي ته آرٽيڪل 248 سياست بابت وزير اعظم کي تحفظ ڏئي ٿو.چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان وزير اعظم آفيس کي ڪنٽرول نه ڪري رهيا آهيون.اٽارني جنرل وزيراعظم جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاق ميمبرز کي ترقياتي فنڊز ناهن ڏنا،.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم جو جواب گهڻو مطمئن ڪندڙ آهي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته ڇا وزير اعظم ذاتي حيثيت ۾ جوابده هو؟ وزير اعظم کي آئيني تحفظ حاصل آهي، وزير اعظم ان وقت جوابدهه هوندو آهي جڏهن معاملو ان بابت هجي، حڪومت جوابدهه هجي ته وزير اعظم کان پڇي نٿو سگهجي،اٽارني جنرل صاحب ڪوبه غير قانوني حڪم جاري ٿيڻ نه ڏيو.جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪم ۾ جواب وزير اعظم جي سيڪريٽري کان گهريو ويو هو،حڪومت سيڪريٽريز جي ذريعي هلائي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔