نواز شريف بعد فضل الرحمان جو آصف زرداري سان رابطو، سينيٽ چونڊن تي ڳالهيون

اسلام آباد: پي ٽي آءِ حڪومت کي سينيٽ چونڊن ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن جي قيادت جا هڪ ٻئي سان رابطا، ذريعن موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪري سينيٽ چونڊن ۾ گڏيل حڪمت عملي تحت حصو وٺڻ تي اتفاق ڪيو ۽ لانگ مارچ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ کيس خاطري ڪرائي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ هارس ٽريڊنگ واري وڊيو منظرعام تي اچڻ بعد پيدا ٿيل سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب نواز شريف سان رابطي کانپوءِ فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف زرداري سان فون تي رابطو ڪري کيس نواز شريف سان ٿيل صلاح مشورن بابت آگاهه ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جَي جهاز ۾ سوار ماڻهن جِي لينڊنگ شروع ٿي وئي آهي، اسان کي ڪرپٽ ۽ چور سڏيندڙ عمران خان جا پنهنجا ماڻهو ڪرپٽ نڪتا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔