سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد جي مهم تي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا جو حڪم

اسلام آباد : سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد جي مهم تي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو ويو آهي، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد جي مشهوري جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، رپورٽ موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هي ڪيس گذريل 4 سالن کان ٻڌڻي هيٺ هو، عدالت ٽرائل مڪمل ڪري 15 ڊسمبر 2020 تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، عدالت جي جج راجا جواد عباس ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن عبدالوحيد، رانا نعمڪان رفاقت ۽ ناصر احمد کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو آهي، عدالت هڪ جوابدار پروفيسر انوار کي 10 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته استغاثه پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ جوابدارن تي جرم ثابت ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔