اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شهباز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه خاص اڏام ذريعي لنڊن کان لاهور آندو ويو

لاهور : اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه خاص اڏام ذريعي لنڊن کان لاهور آندو ويو، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو، وارث بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا روانا ٿي ويا، بيگم شميم اختر کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پنج ڏينهن جي پيرول تي آزاد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شريف ڀائرن جي امڙ  جي جنازي نماز لنڊن ۾ ادا ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ نواز شريف ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔