ايران پاران سينيئر جوهري سائنسدان محسن فخري زاده جي موت جو بدلو وٺڻ جو اعلان

تهران : ايران اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي سينيئر جوهري سائنسدان محسن فخري زاده جي موت جو بدلو وٺندو، محسن فخري زاده کي جمعي ڏيهن دماوند جي علائقي ابسره ۾ حملو ڪري ماريو ويو هو، ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي عسڪري مشير حسين ديغان چيو آهي ته هو حملي جي ذميوارن کي نقصان پهچائينداسين،اولهه جون ڳجهيون ايجسنيون محسن فخري زادَي کي ايران جَي جوهري هٿيارن جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏينديون هيون، مختلف ملڪن جا سفارتڪار ورِي کيس “ايران جَي بم جو پيءُ” چوندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔