حسين لوائي 90 ارب رپين جي پلي بارگين ڪري رهيو آهي:خرم شير زمان

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته حسين لوائي 90 ارب رپين جي پلي بارگين ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اومني گروپ جو به نالو سامهون اچي رهيو آهي پيپلزپارٽي وارا ٻڌائن ته پلي بارگين ڪندڙن جو آصف علي زرداري سان ڪهڙو واسطو آهي.؟ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن، جنهن جو ڪارڻ پي ڊي ايم جا جلسا ۽ ريليون آهن.هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ٻيهر لاڪ ڊائون ٿيو ته ذميوار پيپلزپارٽي، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل ٻيون پارٽيون هونديون.هڪ سوال جي جواب ۾ خرم شير زمان چيو ته نيب پاران سڀ کان وڏي پلي بارگين ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ حسين لوائي جو نالو سامهون اچي رهيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حسين لوائي سمٽ بينڪ مني لانڊرنگ لاءِ کولي، پلي بارگين ڪرڻ وارن ۾ انور مجيد به شامل آهي، پيپلزپارٽي ٻڌائي ته انهن جو آصف علي زرداري سان ڪهڙو واسطو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔