ڪوڙين ڊگرين جي ڪري قومي ايئر لائنز مان 17 پائليٽن سميت 762 ملازمن کي ڪڍيو ويو :غلام سرور

راولپنڊي : هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪوڙين ڊگرين جي ڪري قومي ايئر لائنز (پي آءِ اي) مان 17 پائليٽن سميت 762 ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور خان ٻڌايو ته 262 شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس کي معطل به ڪيو ويو آهي. غلام سرور خان چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ان وقت پي آءِ اي 400 ارب کان وڌيڪ جي قرضي هو. پي آءِ اي ۽ ان جي اثاثن جي وڪري جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔