اسلام آباد: پاڪستان افغانستان جي سهڪار سان بين الافغاني ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙن کي شڪست ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي .
پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سرحد جي ٻنهين پاسن تشدد واقعن ۾ افسوسناڪ حد تائين اضافي جو مقصد افغان امن عمل کي پٽڙي تان لاهڻو آهي .
پنهنجي پيغام ۾ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان يقين رکي ٿو ته ٻئي ملڪ امن ۽ ترقي جي مستحق آهن، اسان گڏجي بگاڙ پيدا ڪرڻ وارن کي شڪست ڏينداسين .
اهڙي عزم جو اظهار ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن افغان حڪومت پاران 6 خطرناڪ طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ بين الافغان امن عمل پنهنجي انعقاد جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو آهي .
آزاد ٿيل قيدي بعد ۾ قطر روانا ٿي ويا جتي هو نومبر جي آخر تائين نگراني هيٺ رهندا .