ٺٽو: سنڌ حڪومت ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي هلائڻ تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين پابندي مڙهي ڇڏي
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪينجهر ڍنڍ ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي جو سختي سان نوٽِس وٺندي ان جي رپورٽ گهرائي ورتي آهي .
رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي اوورلوڊنگ کي حادثي جو سبب قرار ڏنو آهي، پوليس ٻيڙي جي مالڪ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي .
ان ڏس ۾ ايس ايس پي ٺٽي عمران خان گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي .
سندس چوڻ هو ته پيش آيل حادثو افسوسناڪ آهي ، سانحي ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته 3 کي بچايو ويو