ڪاڇو آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود روڊ رستا بحال نه ٿيا، مختلف علائقن کان ڪٽيل

دادو : ڪاڇي جي علائقو آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود 10 ڏينهن کان روڊ رستا بحال نه ٿيڻ سبب مختلف علائقن کان ڪٽيل آهي، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب انسانن سان گڏ جانورن ۾ به بيماريون پکڙڻ لڳيون آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته حڪومت سکڻا اعلان ڪري هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت پاران ڪاڇي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ باوجود زندگي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، علائقي مان نه ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي روڊ رستا بحال ڪيا ويا آهن. ٻوڏ جي پاڻيءَ جي گهيري هيٺ آيل ڳوٺ بهاول ٻٻر، ڇڊي رستماڻي ۽ ڄام ٻٻر ۾ انسانن سان گڏوگڏ جانورن ۾ بيماريون پکڙڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن سبب علائقي واسي سخت اذيتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته حڪومت سکڻا اعلان ڪري هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔