وفاقي وزيرشفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس ختم،15 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جي تجويز
اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي .
سڀني صوبن ڪانفرنس ۾ اسڪول 15 سيپٽمبر کان کولڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي
بين الصوبائي وزيرن جي ڪانفرنس ۾15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي .
ڪي پي ڪي حڪومت تعليمي ادارا پهرين سيپٽمبر کان کولڻ جي تجويز ڏني جنهن جي باقي صوبن مخالفت ڪئي جنهن کانپوءِ مڙني صوبن پاران 15 سيپٽمبر تي ئي کولڻ جي تجويز ڏني وئي .
ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب تي به صلاح مشورو ڪيو ويو،فيصلو ڪيو ويو ته سڀئي صوبا هڪ جهڙي نصاب بابت پنهنجون تجويزون موڪليندا