مودي تڪبر ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ان جو نتيجو ڪشمير جي آزادي هوندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي محاصري کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مظفرآباد ۾ يوم استحصال ڪشميرريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي وزيراعظم عمران خان ڪئي

ريلي ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشميراسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ، اجلاس جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي ۽ نعت رسول به پڙهيو ويو .

ان موقعي تي ڪشمير جي قانون ساز اسمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ ڪشميرين کي اهڙي دور مان گذاري رهيو آهي جنهن جو انت آزادي تي ٿيندو .

هن چيو ته ڀارت بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي جيڪڏهن پوئٽي هٽندو ته ڪشمير آزاد ٿي ويندو نه هٽندو ته سڄي دنيا ان تي کلندي رهندي

عمران خان آزاد ڪشمير اسمبلي  کي يقين ڏياريو ته ڪشمير مسئلو دنيا جي هر فورم تي کنيو ويندو

پاڪستان جي نئين نقشي بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڀارتي نقشو آڏو اچڻ کانپوءِ ائين ڪرڻ  ضروري هو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته هي تڪراري علائقو آهي .

هن چيو ته هڪ سال اڳ مودي هڪ وڏي غلطي ڪري ويٺو هو، مودي پاڪستان خلاف نفرت پيدا ڪري ڳري اڪثريت سان چونڊ کٽي هئي جنهن لاءِ اڳتي وڌندي هن ڪشمير جي اصل حيثيت کي ختم ڪيو هو .

وزيراعظم چيو ته مودي سمجهي رهيو هو ته پاڪستان خاموش ٿي ويهي رهندو، ۽ ڪشميري به ٿڪجي ڪري ويهي رهندا ، مودي اهو فيصلو تڪبر ۾ اچي ڪيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔