مردان: مردان ۾ پٽ والد ۽ ٻن ڀائرن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب واقعو مردان جي علائقي خوره بانڊه دربوڪلي ۾ پيش آيو. پوليس موجب پٽ جي فائرنگ سبب پيءُ ۽ 2 ڀائر مارجي ويا جڏهن ته ماءُ زخمي ٿي پئي. فائرنگ ڪندڙ پٽ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس
مزید پڑھیں ...
لنڊن:  ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي پهريون ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ آمريڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو. آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي جو اختتام انتهائي ڊرامائي انداز ۾ ٿيو جنهن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 جو فائنل کيڏندڙ ٽيم پاڪستان کان علاوه سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ به
مزید پڑھیں ...
رياض:خانه ڪعبه جو نئون غلاف ڪسوه تيار ڪري ورتو آهي. جيڪو پهرين محرم الحرام تي پروقار تقريب ۾ خانه ڪعبه جي زينت بڻجي ويندو. ڪسوه اصل ۾ عربي زبان جو لفظ آهي، خانه ڪعبه جون ڀتيون ۽ خانه ڪعبه جو دروازو جنهن کي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي ڪسوه ڪعبي جي غلاف کي چيو ويندو آهي. سعودي عرب جي سرڪاري پريس
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: سنڌ حڪومت وچولي طبقي جي ماڻهن کي سولر سسٽم لڳائڻ جي لاءِ بنا وياج آسان قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته 30 لک گهرن ۾ بجلي نه آهي، انتهائي غريب گهراڻن کي پهريان سولر سسٽم ڏينداسين. سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته بجيٽ
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن به مسلمان سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني ڪري رهيا آهن. عيد جي پهرين ڏينهن کان وڌيڪ پئسا وٺندڙ ڪاسائين جا نخرا به ختم ٿي ويا اهي به اڄ گهٽ پئسن تي قرباني جي جانور کي ذبح ڪري رهيا آهن. ڪجهه شهرين گوشت کي مصالحا لڳرائي تيار ڪرائڻ لاءِ دوڪانن
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد : عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ وڌيڪ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جو قرض منظور ڪيو ويو آهي، اها رقم پنجاب ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ گهٽ ڪرڻ جي منصوبي تي خرچ ٿيندي.واضح رهي ته ان کان اڳ 11 جون تي عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏني هئي.
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته جج ڪرپٽ ۽ بي ايمان نٿو ٿي سگهي، ڪجهه ڪوششون اهڙيون ضرور ٿيون پر خدا جي رحمت سان مون تي ڪنهن دٻاءُ نه وڌو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روينيو رڪارڊ جي آن لائن ويريفڪيشن برانچ جي افتتاح واري تقريب ٿي.تنهن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي
مزید پڑھیں ...
پشاور: پشاور ۾ عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام دوران غير قانوني افغان شهرين جي داخلا تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) پشاور قاسم علي خان چيو آهي ته اهو فيصلو سيڪيورٽي خدشن ۽ ڏوهن جي ڪنٽرول کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پرامن مذهبي
مزید پڑھیں ...
نيويارڪ : سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تصديق ٿيل صارفين کان پوءِ عام صارفين لاءِ ’پرائيويٽ لائڪس‘ فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس طرفان شيئر ڪيل هڪ تازي پوسٽ موجب، ايڪس جا سمورا صارف هاڻي پنهنجي پسند کي ٻين صارفين کان لڪائي سگهن ٿا.ان حوالي سان
مزید پڑھیں ...
لاهور : آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ قومي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان نيڪالي ڏني ويندي، جڏهن ته ڪيترن ئي رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تان هٿ کڻڻو پوندو.ٽي
مزید پڑھیں ...