عيد ۽ محرم دوران غير قانوني افغان شهرين جي داخلا تي پابندي

پشاور: پشاور ۾ عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام دوران غير قانوني افغان شهرين جي داخلا تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) پشاور قاسم علي خان چيو آهي ته اهو فيصلو سيڪيورٽي خدشن ۽ ڏوهن جي ڪنٽرول کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پرامن مذهبي عيد کي يقيني بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، عيد ۽ محرم دوران غير قانوني افغان شهرين جي شهر ۾ داخلا تي پابندي هوندي.قاسم علي خان جو چوڻ آهي ته حساس هنڌن ۽ عبادت گاهه جي سڪيورٽي جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو، عيد ۽ محرم تي سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويندا.سي سي پي او چيو ته اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔