غزه ۾ مستقل جنگبندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، بدر

ڪراچي: ترڪ خابرو اداري انادولو مطابق، مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي مقامي ٽي وي چينل ’آن ٽي وي‘ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته: “اسين هڪ پائيدار حل ۽ مستقل جنگبندي ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.” هن ٻڌايو ته اها تجويز مصر، قطر ۽ آمريڪا جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي ۽ اها مستقل جنگبندي ڏانهن پهريون قدم آهي. هن چيو ته هن وقت ميز تي جيڪا تجويز موجود آهي، اها 60 ڏينهن جي جنگبندي تي ٻڌل آهي، جنهن جي عيوض ڪجهه اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۽ غزه ۾ امداد، جنهن ۾ طبي سامان به شامل آهي، جي فوري فراهمي جو بندوبست ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته “اهو قدم پائيدار جنگبندي ڏانهن اڳڀرائي کي تيز ڪندو.” عبدالعاطي واضح ڪيو ته تجويز ڪيل معاهدو رڳو پهريون قدم آهي، ان کان پوءِ هڪ ٻيو مرحلو به هئڻ گهرجي، جنهن ۾ دشمنين جو مستقل خاتمو شامل هجي. هن چيو ته آمريڪا وٽ هڪ واضح ويزن ۽ سمجهه آهي ته ايندڙ ڪنهن به معاهدي ۾ اهڙا ضمانتي قدم شامل ٿيڻ گهرجن، جيڪي جنگبندي جي تسلسل کي يقيني بڻائين. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته اسرائيلي جارحيت جي ٻيهر شروعات علائقي جي استحڪام لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي.

Efforts are underway for a permanent ceasefire in Gaza