سائيبر سيڪيورٽي قومي سلامتي جو اهم ٿنڀ آهي: ماهر

ڪراچي: سائبر سيڪيورٽي جي ايڪو سسٽم بابت ٿيل ڪانفرنس ۾ پاليسي ٺاهيندڙن، ٽيڪنالاجي ماهرن، تعليمي ماهرن، سرڪاري آفيسرن، ڪارپوريٽ اڳواڻن، بينڪنگ ۽ مالي شعبي سان لاڳاپيل پروفيشنلز شرڪت ڪئي ته جيئن ڊجيٽل خطري ۽ لچڪدار دفاع جي تيزيءَ سان بدلجندڙ منظرنامي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن. رپورٽ موجب “بيانڊ دي فائر وال 3.0” نالي ڪانفرنس انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) پاران نيشنل سائبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (نيشنل سرٽ) جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي. نيشنل سرٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر حيدر عباس خطاب ڪندي چيو ته سائبر سيڪيورٽي رڳو هڪ فني مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو قومي سلامتي جو هڪ اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته سائبر خطرن کي به اُهڙي ئي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، جيئن جسماني خطرن کي وٺون ٿا. هڪ سائبر لچڪدار پاڪستان جي تعمير لاءِ گڏجي خبردار رهڻ، جديديت، ۽ مربوط ڪارروائي ضروري آهي. ڪانفرنس جي شروعات آءِ بي اي ڪراچي جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل احمد خواجه جي استقباليه خطاب سان ٿي، جن پاڪستان جي ڊجيٽل دفاع کي مضبوط ڪرڻ ۾ ادارن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته آءِ بي اي جو “سينٽر فار انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي” (CICT) سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا سائنس، مصنوعي ذهانت، بلاڪ چين ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجين ۾ صلاحيتن جي تعمير، تحقيق ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر خواجه قومي سطح تي سائبر سيڪيورٽي کي گفتگو جو حصو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ۽ ماهر سائبر پروفيشنلز پيدا ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي جي عزم کي ٻيهر ورجايو. ڪانفرنس ۾ ٻه پينل بحث به شامل هئا، جن مان “دي وائر وارفيئر” نالي بحث جي ميزباني جواد فريد ڪئي. “سروائيونگ ان وِزيبل ڪنفلڪٽ” جي اڳواڻي يوٽا بائٽ جي سي اي او حارث شمسي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔