اتر ڪوريا ايران تي اسرائيلي فوجي جارحيت جي مذمت ڪندي ان کي انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو

پيونگ يانگ: اتر ڪوريا ايران تي اسرائيلي فوجي جارحيت جي مذمت ڪندي ان کي انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو ۽ خبردار ڪيو ته اها جارحيت اڳ کان ئي غير مستحڪم وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿي.

اتر ڪوريا جي خابرو اداري موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پيونگ يانگ ايران جي شهري، انرجي ۽ جوهري اثاثن تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سخت مذمت ڪري ٿو.

ترجمان چيو ته اسرائيلي حملن ۾ شهرين جو مارجڻ انسانيت خلاف ناقابل معافي ڏوهه آهي، تل ابيب رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، جيڪا خطي ۾ هڪ نئين ۽ ڀرپور جنگ جي خطري کي وڌائي رهي آهي.

اتر ڪوريا آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي وڌيڪ مداخلت نه ڪرڻ جي به تنبيهه ڪئي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته دنيا سامهون موجود اها سنگين صورتحال واضح طور تي ثابت ڪري ٿي ته اسرائيل، جيڪو آمريڪا ۽ اولهه جي حمايت ۽ سرپرستي ۾ آهي، وچ اوڀر جي امن لاءِ هڪ ڪينسر بڻجي ويو آهي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي تباهه ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ڏوهي آهي.

هن چيو عالمي برادري غور سان ڏسي رهي آهي ته آمريڪا ۽ اولهه قوتون جنگ کي هٿي ڏئي رهيون آهن ۽ ان صورتحال ۾ متاثر ايران جي جائز دفاع جي حق تي اعتراض ڪري رهيون آهن.

اتر ڪوريا واشنگٽن کي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جا قدم وچ اوڀر جي صورتحال کي هڪ بي قابو تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

North Korea has condemned Israel's military aggression against Iran