ايران اڃا تائين پاڪستان کي ڪنهن به قسم جي دفاعي امداد جي درخواست ناهي ڪئي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ايران اڃا تائين پاڪستان کي ڪنهن به قسم جي دفاعي امداد جي درخواست ناهي ڪئي.

صحافين کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته ايران اڃا تائين پاڪستان کي ڪنهن قسم جي دفاعي امداد جي درخواست ناهي ڪئي، نه ئي ايران طرفان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏيڻ جي حوالي سان ڪا درخواست وصول ٿي آهي.

هن چيو ته اسرائيل طرفان ايراني جوهري اثاثن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ايران جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي، ايران تي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪيون ٿا، اسان اسرائيل جي چريائپ جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ ايران جي ڀرپور اخلاقي حمايت جاري رکنداسين، گڏيل قومن جي چارٽر تحت ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔