پاڪستان علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهندو: عاصم منير

راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۽ تعاون واري سيڪيورٽي فريم ورڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ ذميوار ۽ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو.

پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري تي آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واشنگٽن ڊي سي ۾ سينئر اسڪالرز، تجزيه نگارن، پاليسي ماهرن ۽ عالمي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جتي علائقائي ۽ عالمي مسئلن سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ مارشل علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم کي اجاگر ڪيو. فيلڊ مارشل حق جي جنگ ۽ ” آپريشن بنيان مرصوص” جي تفصيل ۽ تجزيي تي روشني وڌي.

فيلڊ مارشل دهشتگردي تي پاڪستان جي موقف کي بيان ڪيو، ۽ هائبرڊ جنگ جي تحت دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ علائقائي عنصرن جي منفي ڪردار جو ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپن جو جائزو پڻ شامل هو.

آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن ۽ اقتصادي تعاون تي ٻڌل وسيع بنيادن تي لاڳاپن تي زور ڏنو، ۽ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن تي پاڪستان جي نقطه نظر جي به وضاحت ڪئي.

فيلڊ مارشل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جهڙن شعبن ۾ تعاون تي زور ڏنو.

ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان عالمي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڳڀرو رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ۽ پاڪستان علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تعاون واري سيڪيورٽي فريم ورڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ ذميوار ۽ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو.

پاڪستان آرمي جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ موجود ڪيترن ئي موقعن کي اجاگر ڪيو، جن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قدرتي وسيلا شامل آهن. سيد عاصم منير عالمي ڀائيوارن کي دعوت ڏني ته اهي گڏيل خوشحالي لاءِ انهن شعبن ۾ تعاون ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔