اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پيپلز پارٽي جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته 2018 ۾ پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي پارليامينٽرينز وچ ۾ اتحاد قائم ٿيو هو. ڇا هي اتحاد هڪ اليڪشن لاءِ هو يا هميشه لاءِ؟ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي پارليامينٽرينز وچ ۾ معاهدو زندگي لاءِ آهي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته اسان معاملي تي غور ڪنداسين ته اتحاد هڪ اليڪشن لاءِ هو يا هميشه لاءِ هو پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي پارليامينٽرينز وچ ۾ معاهدو اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ جمع ڪرايو وڃي.