ريل حملي ۾ دشمن ملڪ جي ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت آهن، جواد اجمل

نيو يارڪ: گڏيل قومي ۾ پاڪستان جي مشن چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس حملي ۾ علائقائي دشمن جي ملوث هجڻ جا ڀروسي جوڳا ثبوت موجود آهن. ثبوت اهو واضح ڪن ٿا ته حملو علائقائي دشمنن جي سرپرستي ۾ ٿيو آهي. دهشتگردي جي متاثرن جي عالمي نيٽ ورڪ “Victims of Terrorism Association Network” جي شروعاتي تقريب دوران، اقوام متحده ۾ پاڪستاني مشن جي ڪائونسلر جواد اجمل زور ڏنو ته عالمي برادري تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو اهڙن ظلمن جو شڪار ٿيلن ۽ سندن خاندانن جي حمايت ڪن، جن جون زندگيون اهڙن المين سبب هميشه لاءِ بدلجي ويون آهن. ياد رهي ته جعفر ايڪسپريس ٽرين کي 11 مارچ تي بولان جي علائقي ۾ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي دهشتگردن يرغمال بڻائي قتل عام ڪيو هو. ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ ٽرين جنهن ۾ 440 مسافر سوار هئا، ان تي حملو ڪيو هو. سيڪيورٽي فورسز ٻن ڏينهن تي ٻڌل آپريشن شروع ڪيو، جيڪو 12 مارچ تي مڪمل ٿيو. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوهدري موجب، آپريشن ۾ 33 دهشتگرد مارجي ويا هئا. پاڪستاني نمائندي وڌيڪ چيو ته اسانجو ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي خلاف آهي. دنيا کي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏجي تعاون ڪرڻ گهرجي.