اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) فيصلو ڪيو آهي ته اسٽار لنڪ کي فوري طور تي لائسنس جاري نه ڪيو وڃي.ذريعن موجب، پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽار لنڪ کي لائسنس جاري ڪرڻ ۾ رجسٽريشن مشروط هجڻ جي ڪري وڌيڪ دير ٿي وئي آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي اي اسٽار لنڪ کي لائسنس جاري ڪرڻ کي پاڪستان اسپيس ايڪٽيويٽيز ريگيوليٽري بورڊ سان مستقل رجسٽريشن سان مشروط ڪيو آهي.پاڪستان اسپيس ايڪٽيويٽيز ريگيوليٽري بورڊ 21 مارچ تي اسٽار لنڪ کي عارضي طور تي رجسٽر ڪيو هو.پي ايس اي آر بي اسٽار لنڪ جي مستقل رجسٽريشن لاءِ سڀني ٽيڪنيڪل ۽ ريگيوليٽري معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مصروف آهي.