سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر جاري، موسميات کاتي هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، لڱ ڪانڊاريندڙ گرمي سبب روڊ رستا ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جڏهن ته موسميات کاتي گرمي جي حوالي سان هيٽ ويو جو پهريون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي موجب لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، سکر، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، خيرپور، ڄامشورو، حيدرآباد، مٽياري ۽ سانگهڙ جي ضلعن ۾ هيٽ ويو سبب ڏينهن جو پارو 5 کان 7 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾  تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته اڱاري ۽ اربع تي وچولو رهڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ سومر کان اربع تائين وڌ کان وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان  ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته هوا ۾ نمي 80  کان  90 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي

The heat wave continues in various cities of Sindh