جڙانوالا ۾ مسافر بس جي لوڊر رڪشه کي ٽڪر، 11 ڄڻا فوت

لاهور: جڙانوالا شهر ۾ مسافر بس جي لوڊر رڪشه کي ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشه ۾ سوار 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ريسڪيو اختيارين موجب مسافر بس جو رڪشه کي ٽڪر هڻڻ جو واقعو لاهور روڊ تي پيش آيو، حادثي ۾ رڪشي ۾سوار 8 ڄڻا  فوت جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال جڙانوالا ۽ الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ علاج هيٺ 3 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 11 ٿي ويو. فوتين ۽ زخمي ٿيلن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا به شامل آهن.

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل ماڻهو لوڊر رڪشه ۾ سوار هئا، سمورن ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔