سڄي دنيا ۾ڪورونا جا وڌيڪ هڪ لک 20 هزار نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس جا وڌيڪ هڪ لک 20 هزار نوان ڪيس ظاهر، متاثرن جو مجموعي انگ 59 لک کان وڌي ويو، هڪ ڏينهن دوران 5 هزار ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، برازيل ۾هڪ هزار 294، آمريڪا ۾هڪ هزار 207، ميڪسيڪو ۾ 463، برطانيا ۾377، ڀارت ۾177 ۽ ڪئنڊا ۾ 110 ماڻهو فوت، هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 لک 61 هزار 760 ٿي ويو، 25 لک 77 هزار کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.