پي آءِ اي حادثي جي جاچ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي جي جهاز سانحي تي حتمي جاچ رپورٽ اچڻ کان اڳ حادثي تي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهجي؟ عدالت اٽارني جنرل کان پچاڻو ڪيو ته حتمي رپورٽ ڪڏهن ايندي. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سانحي جي رپورٽ 22 جون تي پڌري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم جي هدايتن تي جاچ رپورٽ پڌري ڪئي ويندي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي پهرين رپورٽ پيش ڪرڻ ڏيو، اُن کانپوءِ نوٽيسز جاري ڪيا ويندا. عدالت وفاقي سرڪار کي نوٽيسز جاري ڪرڻ واري درخواستگذار جي استدعا رد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم سوڌو اعليٰ اختياريون پاڻ جاچ کي ڏسي رهيون آهن. درخواستگذار چيو ته حڪمرانن کان پڇيو وڃي ته هي جهاز ڇو ۽ ڪنهن خريد ڪيو آهي، عدالت چيو توهان ته پنهنجي درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته پي آءِ اي جا سمورا جهاز گرائونڊ ڪيا وڃن، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. عدالت چيو ته حتمي رپورٽ اچڻ کان اڳ نٿا ڳالهائي سگهون، عدالت پي آءِ اي حادثي جي جاچ لاءِ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔