سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 5 هزار 116 ماڻهو فوت

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 هزار 116 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 3 لک 56 هزار 770 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد 57 لک 79 هزار کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 1475 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 2 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 17 لک 44 هزار کان وڌيڪ آهي. ڪورونا وائرس وگهي اسپين ۾وڌيڪ هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ 27 هزار 118 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 83 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وڌيڪ 117 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 33 هزار 72 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 31 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس فرانس ۾66، برازيل ۾هڪ هزار 49، ڀارت ۾190، ڪئنيڊا ۾126 ۽ ميڪسيڪو ۾501 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 3 لک 56 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 24 لک 90 هزار ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.