پاڪستان آمريڪا جي ڀائيواري سان افغانستان ۾ اهم امن جو ڀائيوار ٿيڻ لاءِ تيار آهي پر آمريڪي فوج جي اعلان ڪيل نيڪالي جي نظر ۾ اسان وڌيڪ ڪنهن تڪرار جو خطرو کڻي نٿا سگهون، ٻنهي ملڪن جي ان ڊگهي عرصي کان مسئلن جو شڪار ملڪ افغانستان لاءِ هڪجهڙا مفاد آهن، جن ۾ سياسي استحڪام، معاشي ترقي ۽ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن کان ،مڪمل انڪار شامل آهي،، اسان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي نيم عسڪري تسلط جي مخالفت ڪريون ٿا، جيڪا رڳو ڏڪاهن کان گهرو ويڙهه جو سبب هجي جئين طالبان سمورن ملڪن تي فاتح جي حيثيت سان لاڳو نٿا ٿي سگهن پر پوءِ به انهن کي افغانستان ۾ قائم ڪنهن به حڪومت جو حصو بڻائڻ اڻٽر آهي ته جئين اها حڪومت ڪامياب ٿي سگهي.
ماضي ۾ به پاڪستان افغان گروپن ۾ فرق ڪري هڪ غلطي جو اتڪاب ڪيو پر اسان پنهنجي ان تلخ تجربي مان سکيو آهي، اسان جي ڪا به پسنديدگي يا فوقيت ناهي پر هر ان حڪومت سان ڪم جو ارادو رکون ٿا جيئن افغان عوام جي حمايت ۽ اعتماد حاصل ٿئي، تاريخ مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته افغانستان ڪڏهن به پرڏيهي طاقتن جي هيٺ نٿو رهي سگهي،اسان جي پنهنجي ملڪ افغانستان ۾ جاري جنگين جي ڪري خاصو نقصان کنيو آهي، 70000 کان وڌيڪ پاڪستاني حياتيون وڃائي ويٺا ، هڪ پاسي آمريڪا امداد جي مد ۾ 20 ارب ڊالر عطيو ڪيو پر پاڪستاني معيشت کي درپيش نقصان 150 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي، سياحت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن جي ڪاٿي ۾ نمايان لاٿ ٿي ، آمريڪا جي ان ڪاوش ۾ ساٿ ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان کي اتحادي قرار ڏيندي ٽارگيٽ بڻآيو ويو جيڪو اسان جي ملڪ ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين اهڙن گروپن جي طرفان دهشتگردي جون ڪارروايون ڪيون ويون، آمريڪي ڊرون حملن جن جي باري ۾ هدايت ڪئي هئي، جنگ ته نه کٽي سگهيا پر آمريڪين لاءِ نفرت جا جذبا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيا ۽ دهشتگرد تنظيمن جي صفن کي ٻنهي ملڪن خلاف اڀارڻ جي تقويت ڏني.
جيئن ته مان سالن کان ان ڳالهه تي زور ڀريندو رهيو ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو به عسڪري حل ناهي، آمريڪا پنهنجي غلط انداز جي تناظر ۾ پهرين ڀيرو پاڪستان تي دٻاءُ وڌو ته هو ان نيم خود مختيار قبائلي علائقن ۾ پنهنجي فوج موڪلي جن جون سرحدون افغانستان سان لڳندڙن آهن ته جئين شورش رڪجي وڃي،اهو ته نه ٿيو،بلڪه ان سان ماڻهو قبائلي علائقن جي تقريبن اڌ آبادي پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي هئي،جن ۾ رڳو اتر وزيرستان جا 10 لک ماڻهو شامل آهن، وڌيڪ اربين ڊالرن جو نقصان ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي ويا،عام ماڻهو تي ان اوچتو آفت جي نتيجي ۾ پاڪستان جي فوج جي خلاف آپگهاتي حملا شروع ٿي ويا، جن ۾ پاڪستاني فوج جا جوان ان انگ کان وڌيڪ شهيد ٿيا جيترو جاني نقصان آمرڪيا افغانستان ۽ عراق ۾ مجموعي طور به نه کنيو هيو، گڏوگڏ اسان جي خلاف وڌيڪ دهشتگردي وڌڻ لڳي، رڳو خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 5 سئو پاڪستاني پوليس اهلڪار قتل ڪيا ويا،
اسان جي ملڪ ۾ 30 لکن کان وڌيڪ افغان پناهگير موجود آهن،جيڪڏهن افغانستان ۾ سياسي صفبندي بجاءِ وڏيڪ گهرو ويڙهه ٿي ته وڌيڪ پناهگير / مهاجرن جي آمد اسان جي سرحدي علائقن کي اڃا وڌيڪ ڪمزور ۽ غريب ڪري ڇڏيندي، طالبان جي اڪثريت پشتون لساني گروهه سان تعلق رکي ٿي ۽ اڌ کان وڌيڪ پشتون اسان جي سرحد جي هُن پار رهن ٿا، اسان ان تاريخي اعتبار سان آزاداڻي آمد رفت واري سرحد کي به مڪمل طور تي بند لڳائي رهيا آهيون، جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا کي کيس اڏا ڏيڻ تي راضي ٿي وڃي جتان کان افغانستان تي بمباري ڪري سگهجي ۽ هڪ افغان گهرو ويڙهه عمل پذير ٿئي ته پاڪستان ٻيهر دهشتگردن جي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻجي ويندو، اسان بلڪل ان نٿا ڪري سگهون، اسان پهرين ئي ان جي تمام ڳري قيمت ادا ڪري چڪا آهيون،جيڪڏهن آمريڪا تاريخ جي سڀ کان طاقتور عسڪري قوت سان 20 سالن کان پوءِ به افغانستان ۾ اندروني ويڙهه نه کتي سگهيو ته اسان جي ملڪ جي اڏن سان آمريڪا اها جنگ ڪئين فتح ڪري سگهندو؟
پاڪستان ۽ آمريڪا جا افغانستان ۾ مفادن ساڳي ئي نوعيت جا آهن، اسان ڳالهين تي ٻڌل امن جا خواهشمند آهيون، نه ئي گهرو ويڙهه اسان جو مقصد آهي،اسان ٻئي ملڪ استحڪام جا ضرورتمند ۽ ان دهشتگردي جي خاتمي جا خواهشمند آهيون، اسان ان معاهدي جي حمايت ٿا ڪريون جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل ترقياتي فائدن جي ثمر جو تحفظ ڪري ٿو،وڌيڪ معاشي ترقي، واپار ۽ وچ ايشيا تائين ان فائدن جي پهچ چاهيون ٿا، ته جئين اسان جي معيشت مٿي چڙهي سگهي ، اسان سڀ جون ڪاوشون رائيگان ٿي وينديون جيڪڏهن هتي وڌيڪ گهرو ويڙهه قدم ڄمايا،ان تناظر ۾ اسان جارحانه طور تي سفارتي دڳ سرانجام ڏنا آهن، ته جئين طالبان کي پهرين آمريڪا ۽ پوءِ افغان حڪومت سان ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهجي،اسان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن طالبان پنهنجي عسڪري برتري جو اعلان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ خونريزي جو سبب هوندو، اسان اميد ٿا ڪريون ته افغان حڪومت به ڳالهين ۾ وڌيڪ نرمي جو مظاهرو ڪندي ۽ پاڪستان تي الزام لڳائڻ بند ڪري، ڇو ته اسان عسڪري چاره جوئي کان پاسيرو ٿي سڀ ڪجهه پر امن ۽ مخلصاڻي طريقي سان انجام ڏئي رهيا آهيون،ان ڪري ئي اسان روس، چين ۽ آمريڪا سوڌو ان هلندڙ گڏيل پڌرنامي جو ثصو بڻياسين، جيڪو بنا شڪ ان ڳالهه جي تائيد ڪري ٿو ته ڪابل تي طاقت جي بل بوتي تي حڪومت لاڳو ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي اسان سڀ مخالفت ڪنداسين ۽ اها ڪوشش افغانستان کي پنهنجي ضرورت جي ٻاهرين امداد تائين پهچ کان محروم به ڪري ڇڏيندي.
ان گڏيل پڌرنامن کان پهرين ڀيرو افغانستان جي چئن پاڙيسرين ۽ اتحادين هڪ زبان ٿي ڪري ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته افغانستان جي سياسي علائقائي اتحاد جي طرز ڪئين هجڻ گهرجي، ان سان خطي ۾ هڪ نئين علائقائي اتحاد براء امن ۽ خوشحالي جي شروعات ٿيڻ گهرجي، جيڪو افغان حڪومت سان ملي دهشتگردي جي خطرن سان منهن ڏئي سگهي، افغانستان جي پاڙيسرين کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته هنن جي سر زمين افغانستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي ۽ افغانستان کي به ان جي ڀرپور خاطري ڪرائڻ کپي، ان مجموعي سان ان عهد جي به شروعات ٿيندي جيڪو افغان عوام کي سندن ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد فراهم ڪري ، مون کي يقين آهي ته اقتصادي رابطن ۽ علائقائي واپار کي هٿي ڏيڻ افغانستان جي پائيدار امن ۽ تحفظ جي ڪنجي آهي، جيڪڏهن اسان اها ذميداري گڏيل طور تي نڀايون ٿا ته افغانستان ، گريٽ گيم ۽ علائقائي رقابتن جي استعاري بجاءِ علائقائي سهڪار جي ماڊل طور تي اڀرندو.
( واشنگٽن پوسٽ جي ٿورن سان)