ڀارتي جارحيت جو خطرو، پاڪ فوج کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو

اسلام آباد: ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت عالمي ميڊيا ۽ ادارن جي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هڪ ٻيو فالس فليگ (False Flag) آپريشن جي ڪوششن ۾ مصروف آهي .

تصديق ٿيل ذريعن موجب لداخ ۽ دوڪلم ۾ هزيمت کي منهن ڏيڻ کانپوءِ مودي سرڪار اندروني ۽ بيروني دباءَ جو شڪار آهي ، جنهن کانپوءِ ڀارت هڪ ڀيرو وري خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.

ڀارت اقليتين سان ناروا سلوڪ، هارين جي احتجاج ، والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ظلمن ۽ انهن تي عالمي ميڊيا ۽ ادارن جي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هڪ ٻيو فالس فليگ  (False Flag) آپريشن ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪنهن به وقت اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پلواما ڊرامي جي طرز تي لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڪنهن ايڪشن جي تياري ۾ مصروف آهي جنهن کانپوءِ هٿياربند فوج کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته 2016 ۾ به هندستان ناڪام سرجيڪل اسٽرائيڪس جي دعويٰ ڪئي هئي ، 26 فيبروري 2019 تي به ڀارت هڪ اهڙِي ئي ناڪام آپريشن جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هاڻي به ڀارت بارڊر ايڪشن يا سرجيڪل اسٽرائيڪ جو سهارو وٺي سگهي ٿو.

 ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا به آخر ڪار مودي سرڪار جي خلاف ڳالهائڻ لڳو آهي ، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هندستانين کان حقيقتون نه لڪايو، ڀارت ڪارگل  کان حاصل ڪيل سبق کي وساري ڇڏيو ۽ ڪارگل ۾ حقييقتون لڪايون هيون جڏهن ته ڪيتريون ئي هٿرادو ڪهاڻيون ٺاهيون هيون .

واضح رهي ته ڀارتي ملٽري حقيقتن کي پنهنجي زاويي سان ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي ، 2017  کان وٺي هن وقت تائين مودي جي حڪومت يقيني ۽ حقيقتن کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي .