مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز کي گهر گهرائي ورتو

اسلام آباد: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز کي پنهنجي گهر گهرائي ورتو آهي.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل ڪرڻ بابت پنهنجي گهر  گهرائي ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ڪجهه دير کان پوءِ مولانا سان ملڻ لاءِ سندس گهر پهچندا. جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل استعيفائن جي طريقيڪار ۽ اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.

ذريعن موجب ملاقات ۾ 13 دسمبر  تي لاهور واري جلسي جي لاءِ به حڪمت عملي جوڙي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔