اسلام آباد : فوج جي اعليٰ قيادت هندستان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي قيادت ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت ڪو به “خيالي نيو نارمل” قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، ته ان جو جواب پاڪستان “تيز ۽ سخت جوابي نيو نارمل ” سان ڏيندو. فوجي ترجمان جي بيان موجب، هي اعلان جنرل هيڊڪوارٽرز (GHQ) ۾ ٿيل 272هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس (CCC) کان پوءِ ڪيو ويو، جيڪا گذريل هفتي ڀارتي سياسي ۽ فوجي قيادت جي اشتعال انگيز بيانن کان پوءِ ٿي. ياد رهي ته ڀارتي فوج جي سربراهه جنرل اوپيندرا دويڊي پاڪستان کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان “رياستي سرپرستي هيٺ دهشتگردي” ختم نه ڪندو ته کيس نقشي تان ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. هن چيو هو ته “هن ڀيري ڀارتي فوج ڪنٽرول نه ڏيکاريندي” جنهن کي هڪ ممڪن فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي طور ڏٺو ويو. پاڪستاني فوج ان بيان تي سخت ردعمل ڏيندي خبردار ڪيو هو ته مستقبل ۾ جيڪڏهن ڀارت سان ڪو به تڪرار ٿيو ته اهو “خوفناڪ تباهي” جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ۽ پاڪستان “بي ڌڙڪ، بغير ڪنهن هٻڪ جي” جواب ڏيندو. فوجي ترجمان چيو هو ته “جيڪو نيو نارمل يعني ’نئون معمول‘ ٺاهڻ چاهي ٿو، اهو ڄاڻي وٺي ته پاڪستان پنهنجي نئين معمول جي پاليسي قائم ڪري چڪو آهي، جيڪا تيز، فيصلائتي ۽ تباهه ڪندڙ هوندي.” اڄ جاري ڪيل آءِ ايس پي آر (ISPR) جي بيان موجب، فوجي قيادت هن ڳالهه جو به نوٽيس ورتو ته ڀارت طرفان ڏنل تازن بيانن تي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ تفصيل سان بحث ٿيو. “اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو جواب فوري ۽ فيصلائتي طريقي سان ڏنو ويندو، ۽ ڀارت جي جاگرافيائي محل وقوع مان حاصل ٿيندڙ ڪنهن به مبينا سلامتي جي احساس کي چڪنا چور ڪيو ويندو. ڪو به خيالي نئون معمول، نئين ۽ تيز جوابي عمل سان ڀيٽيو ويندو،” آءِ ايس پي آر چيو. فوجي قيادت ڀارت جي سياسي ۽ فوجي قيادت جي “غير ذميوار ۽ اشتعال انگيز بيانن” تي پڻ شديد خدشا ظاهر ڪيا. “اهڙي بيان بازي ڀارت جي پراڻي عادت آهي جنهن سان هو سياسي فائدي لاءِ جنگي جنون وڌائي ٿو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جا شرڪت ڪندڙ ان راءِ تي متفق ٿيا ته اهڙي غير ضروري جنگي ماحول سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي وڏو خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو.” اجلاس جي شروعات شهيدن لاءِ دعائن سان ٿي جن تازو “ڀارتي دهشتگردي جي نيٽ ورڪس” جي هٿان ٿيندڙ حملن ۾ جانيون ڏنيون. چيف آف آرمي اسٽاف (COAS) فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستاني فوج جي “حوصلن، عزم ۽ بهادري” جي واکاڻ ڪئي، جيڪي “پرڏيهي سرپرستي هيٺ دهشتگردي” جي خلاف جنگ ۽ “تازي ٻوڏ دوران ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين” ۾ سول انتظاميا سان گڏ سرگرم رهي. آءِ ايس پي آر موجب، اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز، نون خطرن جي چئلينجن ۽ آپريشنل تياري جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ يقين ڏياريو ويو ته فوج هر ميدان ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن واضح ڪيو ته “دهشتگردي ۽ ڏوهاري نيٽ ورڪس جو اهو موجوده ڳانڍاپو، جيڪو سياسي سرپرستي هيٺ رياست ۽ عوام جي سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آهي، ڪنهن به حالت ۾ هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو.” فوجي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪانفرنس ۾شريڪ ڪمانڊرز جو عزم هو ته “دهشتگرد نيٽ ورڪن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ سڀني ميدانن ۾ گڏيل دهشتگردي مخالف ڪارروايون جاري رکيون وينديون، خاص طور تي انهن گروهن خلاف جيڪي ڀارت جي مدد سان هلن ٿا، جيئن فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان آهن. فتنه الخوارج اصطلاح انهن دهشتگردن لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيڪي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته مئي ۾ حڪومت بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن کي فتنه الهندوستان قرار ڏنو هو، جنهن سان ڀارت جي مبينا دهشتگردي ۾ ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ پاڪستان جي تازي سفارتي ڪاميابين کي پڻ ساراهيو ويو ۽ عالمي ۽ علائقائي امن لاءِ عهد ورجايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي دفاعي معاهدي کي به ڀليڪار ڪيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي “گڏيل قدرن، باهمي احترام ۽ گڏيل امن جي تصور” کي ظاهر ڪري ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان جي ڪشميرين جي حقِ خود اراديت جي جدوجهد لاءِ پڪ جو اظهار ڪيو ويو، جيئن اقوام متحده جي قراردادن ۾ بيان ٿيل آهي. گڏوگڏ، فلسطين جي آزادي ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پڻ حمايت جو اظهار ڪيو ويو، ۽ 1967ع کان اڳ واري حدن ۽ القدس الشريف کي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏيندڙ ٻه رياستي حل (Two-State Solution) تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ٻيهر ورجايو ويو. آخر ۾، آرمي چيف عاصم منير ڪمانڊرن کي هدايت ڪئي ته آپريشنل تياري، نظم ضبط، جسماني فٽنس، نون خيالن ۽ تيز ردعمل جي اعليٰ معيار کي يقيني بڻائن. هن مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطري، روايتي، غير روايتي، هائبرڊ يا نامساواتي يعني عدم توازن (Asymmetric) خطرن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.