ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي فوري امداد جي ضرورت

       هيل چوماسي جي برساتن ملڪ جي مڙني علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ، خاص ڪري ڪراچي سميت سنڌ جي هيٺاهن علائقن ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جڏهن ته لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل به پاڻي جي ور چڙهي ويو آهي .

    برسات جي تباهه ڪارين سبب عام پورهيت ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ، سنڌ جي ڪاڇي ۽ ٿر واري علائقي سميت سامونڊي پٽي ۾ سخت برسات کانپوءِ آيل ٻوڏ وارو پاڻي اڃان تائين علائقن ۾ موجود آهي ، ڪيترن ئي گهرن ۽ دڪانن مان پڻ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري اتي ڪيترين ئي وبائي مرضن جي پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي .

     ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو آهي ،جڏهن ته سرڪاري طور تي به مختلف علائقن ۾ ٿوريون گهڻيون امدادي سرگرميون جاري آهن .

    چوماسي جي برساتن سبب آيل ٻوڏ مهانگائي ۽ ڪرونا جي ماريل عوام  جي سورن ۽ تڪليفن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. هيلوڪي برسات ڪيترن ئي ماڻهن کان انهن جا اجها ۽ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ انهن جا پيارا انهن کان کسي ورتا آهن جڏهن ته فصلن جي ٻڏي وڃڻ ڪري انهن جي محنت تي به پاڻي ڦيرجي ويو آهي .

   سنڌ حڪومت ڪراچي جي 6 ضلعن سميت صوبي جي مڙني ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان نقصان جا انگ اکر به گڏ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي صورت ۾ تباهي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .

     هن وقت سڄو ملڪ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيلن نقصان جي ور چڙهيل آهي ، هر ماڻهو جا سور ٻيڻا لڳا پيا آهن ،اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ۾ ويٺل نمائندن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائڻ ۽ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪو نه ڪو رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪن .

   سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته هن ڏکي گهڙي ۾ماڻهن جي پرگهور لهي انهن جي وقت سر مدد ڪري تڪليفن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري .

   صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي فوري طور تي برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ بحالي جي ڪم سان گڏ ماڻهن کي اجها ۽ کاڌي پيتي جون شيون ڏيڻ جو فوري طور تي بندو بست ڪرڻ گهرجي.

   هن وقت نه صرف حڪومتون پر اسان سڀني جو به فرض آهي ته اسين پنهنجي وِت ۽ وس آهر متاثر خاندانن جي مدد ڪريون ته جيئن اهي جلدي ان ڏکي صورتحال مان ٻاهر نڪري اچن .