حڪومت احتساب جي منشور تي سوديبازي نه ڪندي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت احتساب جي منشور تي سوديبازي نه ڪندي، انساني همدردي جي بنياد تي نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني. حڪومت ۽ پارٽي ترجمانن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته اپوزيشن جو ملڪ لاءِ اهم ڪردار هوندو آهي، موجوده اپوزيشن رڳو پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي، اجلاس دوران وزير اعظم کي نواز شريف جي ڏيهه واپسي بابت حڪومتي قدمن بابت بريفنگ به ڏني وئي، وزير اعظم عمران خان پي ٽي آءِ ۽ اتحادي سينيٽرز جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ کين سڀاڻي شام 4 وڳي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔